اڙل واهه

اڙل واهه: سنڌ جو قديم قدرتي واهه، جيڪو سيوهڻ جي ڀر ۾ منڇر ڍنڍ جي ڏکڻ - اوڀر ڪنڊ تي آهي. هن کي ’اڙل نديءَ‘ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي. حقيقت ۾ اهو سنڌو درياهه ۽ منڇر ڍنڍ جو ڳنڍيندڙ واهه آهي. آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ جڏهن سنڌو درياهه ۾ چاڙهه هوندو آهي، تڏهن هيءُ واهه واڌو پاڻي منڇر ڍنڍ کي مهيا ڪندو آهي ۽ وري جڏهن منڇر ڀرجي ويندي آهي ۽ درياهه ۾ به لاٿ هوندي آهي، تڏهن هيءُ واهه، منڇر جو پاڻي درياهه ڏانهن کڻي ويندو آهي ۽ ڇنڊڻ طور استعمال ٿيندو آهي. مغربي محققن ۽ سياحن انهيءَ تي حيرت ظاهر ڪندي لکيو آهي ته اهو عجب اسرار آهي، جو هڪ واهه يا نديءَ کي ابتو وهڻو پوي ٿو. اڙل واهه جي ڊيگهه ذري گهٽ 30 ميل آهي. هن وقت اهو منڇر مان نڪري سيوهڻ شهر وٽ سنڌو درياهه ۾ داخل ٿئي ٿو. اڙل واهه اوترو ئي قديم آهي، جيترو سنڌو درياهه ۽ منڇر ڍنڍ قديم آهن. قديم دؤر ۾ هن کي ’اڙل ندي‘ چوندا هئا. هي آڳاٽي دؤر کان ئي سنڌوءَ ۽ منڇر وچ ۾ رابطي جو ذريعو رهيو آهي. 1959ع ۾ آمريءَ جي دڙي جي کوٽائيءَ مان انهيءَ قديم نديءَ جي وهڪري جا نشان مليا آهن، جيڪا آڳاٽي وقت منڇر مان نڪرڻ بعد سيوهڻ واري قلعي جي اتر ۽ اوڀر کان ڦري، ڏکڻ طرف لڪيءَ وٽان ڦٽل وهڪرن مان ٿيندي، اڳتي اوڀر طرف وڌي وڃي سن شهر جي مٿئين پاسي کان سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. چاڙهه واريءَ موسم ۾ اڙل واهه، سنڌو درياءَ مان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي منڇر کي مهيا ڪندو هو. سکر بئراج ٺهڻ کانپوءِ اڙل وٽ هڪ ٻيو هٿراڌو واهه کوٽائي ان تي ريگيوليٽر هنيو ويو آهي، ته جيئن منڇر ڍنڍ جي پاڻيءَ کي ضابطي ۾ رکجي.


لفظ اڙل واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.00.00  عيسوي

1959ع ۾ آمريءَ جي دڙي جي کوٽائيءَ مان انهيءَ قديم نديءَ جي وهڪري جا نشان مليا آهن، جيڪا آڳاٽي وقت منڇر مان نڪرڻ بعد سيوهڻ واري قلعي جي اتر ۽ اوڀر کان ڦري، ڏکڻ طرف لڪيءَ وٽان ڦٽل وهڪرن مان ٿيندي، اڳتي اوڀر طرف وڌي وڃي سن شهر جي مٿئين پاسي کان سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.



ارضيات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوئيز واهه
رائيس ڪئنال
ٻپيرا ڍنڍ
الڪه نئن
ٻنڌڻي نئن
جهڏير شاخ
اپر نورواهه
بگهاڙ واهه
ٿرواهه
پٽ فيڊر
ارضيات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون